سائفر ڪيس: عمران خان جو فيصلي جي تصديقي ڪاپي لاءِ عدالت سان رابطو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سائفر ڪيس جي فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
عمران خان بئرسٽر علي ظفر ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سائفر ڪيس جو ٽرائل قانوني گهرجن جي خلاف هلايو ويو آهي، ٽرائل ۾ قانون نقص موجود آهن ۽ جوابدارن جي وڪيلن کي فريادي ڌر جي شاهدن کان آڏي پڇا جي اجازت نه ڏني وئي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالت فوجداري ظابطي جي شق 367 جي ڀڃڪڙي ڪندي فيصلو ٻڌايو.
درخواست ۾ا ستدعا ڪئي وئي آهي ته خاص عدالت کي سمورا ثبوت عبوري ۽ حتمي حڪم نامن جون ڪاپيون ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.