عمران خان جيل ۾ 14 سال گذاريندو يا 24 سال؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توشا خانا ڪيس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ عمران خان ڪيترو وقت جيل ۾ گذاريندو؟ اڳوڻي وزيراعظم کي 14 سال قيد جي سزا ٿيندي يا 24 سال ڇو ته کيس سائفر ڪيس ۾ به ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
قانوني ماهرن موجب، عمران خان جي سزا مجموعي سزا بدران گڏيل ( ڪنڪرنٽ ) هوندي، جج کي پنهنجي فيصلي ۾ اِهو ٻڌائڻو پوندو ته سزا مجموعي هوندي يا گڏيل.
گڏيل قيد اها سزا آهي جيڪا هڪ ئي وقت ڀوڳي ويندي آهي جڏهن ته مجموعي سزا اِها آهي جيڪا تيستائين شروع ناهي ٿيندي جستائين پهرين ٻڌايل سزا ختم نه ٿي وڃي.
جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عدالتن کي پنهنجي فيصلي ۾ اِهو ٻڌائڻو پوندو ته سزا گڏيل هوندي يا مجموعي.
هن چيو ته عمران خان جي ڪيس ۾ جيڪڏهن عدالت گڏيل سزا ڏني ته عمران خان کي وڌ کان وڌ 14 سال جيل ۾ گذارڻا پوندا.
انهن ٻنهي ڪيسن عمران خان کي ڪيترو جلد ضمانت ملي سگهي ٿي، ان بابت سندس چوڻ هو ته اصولن جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو چونڊ عمل جاري آهي ۽ ڪنهن قومي اڳواڻ کي سزا ٿي آهي ته سندس ڪيس بابت اپيل واري معاملي تي ترجيح ڏئي کپي.
هن چيو ته يا ته سموري ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ سزا معطل ڪئي وڃي، انهن معاملن ۾ عديليا جو طريقيڪار افسوسناڪ آهي، ايون فيلڊ ڪيس ۾ غير ضروري تڪڙ ڪئي وئي ۽ عمران خان جي ڪيس ۾ ساڳي ئي تڪڙ نظر آئي.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته جڏهن هڪ کان وڌيڪ سزائون هجن ته عدالت حتمي فيصلي ۾ واضح ڪندي آهي ته سزا گڏيل هوندي يا مجموعي.
هن چيو ته عام طور تي قانون اِهو چوي ٿو ته عدالت تيستائين هڪ گڏ سزا ٻڌائيندي آهي جيستائين ڪو پيشور ڏوهاري يا انتهائي گهربل دهشتگرد نه هجي، عمران خان جي ڪيس ۾ ۾ گڏيل سزا هوندي ۽ کيس رڳو وڌ کان وڌ سزا ڀوڳڻي پوندي.
هن چيو ته جيڪڏهن عدالتن ڪنهن سبب جي ڪري اِهو واضح نه ڪيو ته سزا گڏيل هوندي يا مجموعي ته اهڙي صورت ۾ وڪيل فوجداري ظابطي جي سيڪشن 561 تحت گڏيل ( ڪنڪرنٽ ) سزا تي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.