واشنگٽن (اين اين آءِ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته هو اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني جي خلاف ڪيسن کي ڏسي رهيا آهيون، عدالت جي ٻڌايل سزا تي ڪو تبصرو نه ڪنداسين، پريس بريفنگ ۾ ميٿيوملر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪيس هلڻ هڪ قانوني معاملو آهي، ميٿريوملر چيو ته آزاد منصفاڻي ۽ چٽو جمهوري عمل ڏسڻ چاهيون ٿا، اهڙو جمهوري عمل ڏسڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ جمهوريت پسندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت هجي،هن چيو ته سبي ۾ پي ٽي آءِ ريلي تي حملي سان چونڊ عمل کي نقصان پهتو،حملي ۾ 10 ماڻهن جي جان وئي،آمريڪا پي ٽي آءِ جي ريلي تي حملي جي مذمت ڪري ٿو،پاڪستانين کي ملڪي استحڪام، خوشحالي لاءِ پنهنجي ليڊر جي بناخوف چونڊ جو حق حاصل آهي