قائدِ اعظم جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جنرل ضياءَ کي ڇو نه وڻي؟

ڪمري ۾ اوندهه هئڻ سبب سڀني جون نظرون اسڪرين تي کتل هيون جتي ٿري پيس سوٽ پهريل همراهه گهٽي ۾ بلور کيڏندڙ ٻارن کي هدايت ڪري رهيو ته هو بلور راند نه کيڏن، سندن ڪپڙا خراب ٿي ويندا.
ان ئي منظر کانپوءِ انگريزي ۾ هڪ وائس اوور شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ فلم جي نالي سان ملندڙ جلندڙ ” اسٽينڊ اپ فرام ڊسٽ اينڊ پلي ڪرڪيٽ “ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
اِها فلم جيڪڏهن ڪرڪيٽ تي ٺهي ها ته شايد ان جي واکاڻ ڪئي وڃي ها پر اِهو معاملو پاڪستان جي باني قائدِ اعظم محمد علي جناح جي بائيوپِڪ جو هو جنهن ۾ سندس ڪردار ٻارن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي هدايت ڪري ٿو.
آمريڪي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، جيئن ئي فلم پڄاڻي تي پهتي ڪمري ۾ بتي ٻري، سڀني جون نظرون اسڪرين تان هٽي صدر ڏانهن کڄي ويو جنهن ان کي هڪ سٺي ڪوشش قرار ڏئي فلمساز جو حوصلو وڌايو. پر کن پل ۾ ” ان ۾ اِها ڳالهه ناهي ، فلم ۾ احساسن جي کوٽ آهي “ چئي هن انهن سمورن هٿن کي وچ رستي ۾ ئي روڪي ڇڏيو جيڪي پروڊيوسر کي واڌايون ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيا هئا.
صدر جنرل ضياءَ الحق ان فلم جي ڀيٽ جنهن فلم سان ڪري رهيو هو اِها برطانوي هدايتڪار رچرڊ ايٽنبرو جي فلم ” گانڌي “ هئي جنهن جي جواب ۾ هو پاڪستان جي باني تي فلم ٺاهڻ چاهي پيو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فلم جو سمورو خرچ حڪومتِ پاڪستان ان ڪري برداشرت ڪيو ڇو ته ان ذريعي جنرل ضياءَ الحق پنهنجي اسلامي رياست واري خواب کي درست ثابت ڪرڻ چاهي پيو.
آگسٽ 1988ع ۾ سندس جهاز حادثي ۾ موت کانپوءِ فلم کي سدائين لاءِ دٻي ۾ بند ڪيو ويو ۽ اڄ به ان جو ذڪر رڳو ڪتابن ۽ رسالن تائين محدود آهي.
اسٽينڊ اپ فرام دي ڊسٽ فلم ٺاهڻ جي ضروت ڇو پيش آئي؟
رپورٽ موجب، سال 1982ع ۾ رليز ٿيندڙ انگريزي فلم ” گانڌي “ کي جيڪڏهن نوَ اڪيڊمي ايوارڊ نه ملن ها ته شايد پاڪستاني سرڪار ڪڏهن پاڪستان جي باني جي بائيوپِڪ ٺاهڻ جو نه سوچي ها، پر عالمي سطح تي ان فلم کي ملندڙ موٽ جنرل ضياءَ الحق کي مجبور ڪيو ته هو به ان جو جواب ڏئي.
سندس خيال ۾ قائدِ اعظم کي جهڙي طرح ” گانڌيءَ“ ۾ ڏيکاريو ويو اِها سندس پروقار شخصيت جي درست عڪاسي نه هئي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو خاموش ويهڻ ان کي قبول ڪرڻ برابر هوندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فلم کي ڪميشن ڪرڻ وقت پاڪستان سرڪار هڪ ڪروڙ رُپين جي گرانٽ ڏني هئي جنهن ۾ نه رڳو اِها رقم شامل هئي جنهن مان فلم ٺاهڻ لاءِ گهربل سامان خريد ڪرڻو هو پر ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي پگهار به ان جو ئي حصو هئي.
فلم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نه رڳو ڪلچر منسٽري ۽ انفارمييشن منسٽري جون خدمتون حاصل ڪيون ويون پر پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان به مدد ورتي وئي.
پر جتي رچرڊ اينٽبرو کي فلم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ويهه سال محنت ڪرڻي پئي، اتي ڪجهه مهينن جي محنت کانپوءِ سامهون ايندڙ ڊرافٽ اِهو تاثر نه ڏئي سگهيو جنهن جي ان مان اميد هئي.
رپورٽ موجب، ان کان اڳ جو فلم ۾ ڪنهن اداڪار کي قائدِ اعظم محمد علي جناح جي ڪردار لاءِ سائن ڪيو وڃي ۽ اهم سين فلمايا وڃن ها، فلم کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.