سر سيد يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ انٽليڪچوئل پراپرٽي پيٽٽنگ تي ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جديد دور جي گهرجن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سر سيد يونيورسٽي جي Oric شعبي طرفان ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انهن جي ڪم ۾ بهتري آڻڻ سان گڏ پنهنجي ايجادن ۽ آئڊياز کي محفوظ بڻائڻ جي طريقي تي زور ڏنو ويو.
سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته واپاري نشان ۽ ڊيزائن جو بنا اجازت استعمال ۽ واپاري رازن جي چوري سان ڪاروباري منافعي کي نقصان پهچندو آهي، ان کانسواءِ انهن ڏوهن سبب ملڪ جي اقتصادي ترقي کي به نقصان پهچندو آهي، تنهن ڪري ان جي روڪٿام لاءِ قدمن کڻڻ ضروري آهن.
اها ڳالهه هن سر سيد يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ انٽليڪچوئل پراپرٽي پيٽٽنگ تي مرحلي وار ٽن ڏينهن جي ورڪشاپ جي پڄاڻي تي ڪئي.
انٽليڪچوئل پراپرٽي ايڪسپرٽ ڊاڪٽر اويس حسن شيخ ورڪشاپ دوران انٽليڪچوئل پراپرٽي پيٽٽنگ جي اهميت ۽ فائدا بيان ڪندي چيو ته ڪاپي رائيٽ مطلب اشاعت جي حق جو قانون ڪنهن اصلي تصور کي تحفظ ڏئي ٿو، جيڪو آرٽ جي ٺوس شڪل هجي ۽ پيٽنٽ جي منظوري لاءِ ڪنهن به اصل ايجاد، نشان ۽ ڊيزائن جي رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيڻ تي پيٽنٽ جا حق حاصل ٿي ويندا آهن، جنهن سان ان جي چوري ٿيڻ ۽ غير قانوني استعمال ٿيڻ جا خدشا گهڻي حد تائين ختم ٿي ويندا آهن.
انٽليڪچوئل پراپرٽي ايڪسپرٽ ڊاڪٽر فاروق سلطان ورڪشاپ دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته توهان جو ڊيزائن ۽ آئڊيا توهان جي پراپرٽي آهي ۽ ان کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ توهان جو وقت، لڳاءُ ۽ محنت لڳندي آهي ته ان کي محفوظ ڪرڻ تمام ضروري آهي، جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندئو ته توهان جي محنت ۽ آئڊيا جو فائدو ڪو ٻيو کڻندو، جنهن سان توهان کي اقتصادي نقصان سان گڏ ذهني اذيت کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد سرفراز علي انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ تي انٽليڪچوئل پراپرٽي پيٽٽنگ ورڪشاپ جي ڪاميابي تي ڊائريڪٽر Oric ڊاڪٽر رابعه نور انعام جي ڪوششن کي ساراهيو، پوءِ ڊائريڪٽر Oric ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ ايڪسپرٽس جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.