سَسُ منهنجو ميڪ اپ استعمال ڪري ٿي، زال مڙس کان طلاق گھري ورتي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر آگرا ۾ هڪ زال سَسُ پاران اجازت کانسواءِ ميڪ اپ استعمال ڪرڻ تي مڙس کان طلاق گھري ورتي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عورت پنهنجي مڙس تي الزام لڳايو ته منهنجي ۽ منهنجي ڀيڻ جي اجازت کانسواءِ ميڪ اپ استعمال ڪرڻ تي سَسُ سان جهيڙو ٿيو جنهن کان پوءِ مڙس ٻنهي ڀينرن کي گھران ڪڍي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽ موجب مالپورا جي ٻن ڀينرن جي شادي هڪ ئي گھر ۾ ٻن ڀائرن سان ٿي هئي، ٻنهي ڀينرن جي زندگي معمول موجب ٺيڪ هلي رهي هئي پر پوءِ کين خبر پئي ته سندن سَسُ اجازت کانسواءِ هنن جو ميڪ اپ استعمال ڪندي آهي.
عورت پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته جڏهن به اسان ڪنهن تقريب ۾ وينديون هيوسين ته ميڪ اپ نه ڪنديون هيوسين ڇو اسان جي سَسُ اسان جو ميڪ اپ استعمال ڪندي هئي، اهو ئي نه سس تقريبن کانسواءِ گھر ۾ به منهنجا ڪپڙا ۽ ميڪ استعمال ڪرڻ لڳي جنهن تي هڪ ڏينهن اسان ٻنهي ڀينرن جو سس سان جهيڙو ٿيو.
عورت موجب سس منهنجي مڙس کي ان جهيڙو جو ٻڌايو ته ان کان پوءِ مڙس مون کي گاريون ڏنيون، صورتحال ايتري خراب ٿي وئي جو مڙس اسان ٻنهي ڀينرن کي گھران ڪڍي ڇڏيو.
عورت وڌيڪ چيو ته اسان ٻئي ڀينرون ٻن مهينن کان پنهنجي مامي جي گھر رهي رهيون آهيون ۽ طلاق وٺڻ چاهيون پيون.
عورت جو چوڻ هو ته معاملو هاڻي اجازت کانسواءِ ڪاسميٽڪس جي استعمال تائين محدود نه رهيو آهي پر مڙس کين ماءُ جي چوڻ تي گھريلو تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.