ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ ۾ ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن لاءِ آرٽ مقابلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان نون ڪرنسي نوٽن جي حوالي سان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بئنڪ 7 مختلف ماليت جي نون ڪرنسي نوٽن جي سيريز کي ڊيزائن ڪري انهن کي جاري ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ ۾ عام طور تي ٻن کان ٽن سالن جو عرصو گهربل هوندو آهي پر اسٽيٽ بئنڪ ٻن سالن ۾ نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ جو پهريون مرحلو انهن جي ڊيزائن کان شروع ٿيندو، اسٽيٽ بئنڪ 10، 20، 50، 100، 500، 1000 ۽ 50000 جا 7 مختلف ماليت جا 3،3 ڊيزائن آرٽ مقابلي ۾ جمع ڪرائيندي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب آرٽ مقابلي ۾ مقامي آرٽسٽ، ڊيزائنرز ۽ شاگرد پنهنجا ڊيزائن ڪيل ڪرنسي نوٽ 11 مارچ 2024 تائين اسٽيٽ بئنڪ جي ويب سائيٽ تي جمع ڪرائي سگهندا.
مقابلي ۾ چونڊيل ڊيزائن کي پوءِ ڪرنسي ماهر نوٽ ڊيزائينرن جي مدد سان حتمي شڪل ڏيندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نون ڪرنسي نوٽن کي حتمي شڪل ڏئي انهن کي پاڪستان حڪومت جي منظوري لاءِ موڪليو ويندو، حڪومتي منظوري کانپوءِ نون ڪرنسي نوٽن جي سيريز جاري ٿيندي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب نوان نوٽ جاري ڪرڻ سان گڏ موجوده سيريز به گردش هيٺ رهندي، نون نوٽن جي فراهمي کانپوءِ موجوده سيريز کي مرحلي وار سرڪوليشن سان ختم ڪيو ويندو.
You might also like