سعودي عرب: سي سي ٽي وي رڪارڊنگ پبلڪ ڪرڻ غيرقانوني قرار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ سي سي ٽي وي جي رڪارڊنگ پبلڪ ڪرڻ قانون جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي 20 هزار ريال (پاڪستاني تقريبن 15 لک روپيا) ڏنڊ ڀرڻو پوندو.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي گھرو وزارت سيڪيورٽي ڪيمرائن جي قانوني جي ڀڃڪڙي تي سخت سزائن جو اعلان ڪيو آهي.
وزارت وضاحت ڪئي آهي ته اهڙن ماڻهن تي 20 هزار ريال ڏنڊ لڳايو ويندو جيڪي سي سي ٽي جي رڪارڊنگ پبلڪ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.