اسرائيل غزا ۾ ناجائز يهودي وسندين جو منصوبو تيار ڪري ورتو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزا ۽ ٻين فلسطيني علائقن ۾ ناجائز يهودي وسندين جو نئون منصوبو تيار ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل جي غزا ۾ واپسي جي عنوان سان هڪ ڪانفرنس رٿي وئي جنهن ۾ قومي سلامتي جي وزير ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ غزا ۾ 6 غير قانوني وسندين سميت 21 اڏاوتن جا نقشا پيش ڪيا ويا.
ٻي پاسي اسرائيل جي غزا ۾ واپسي جي عنوان سان ٿيل ڪانفرنس تي آمريڪا ۽ فرانس پاران مذمت ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان وائيٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ هو ته واضح ڪري چڪا آهيون ته غزا جي زمين ۾ ڪا به گھٽتائي نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.