اردو ڳالهائيندڙ مائرن ٺيڪو ناهي کنيو ته اهي پنهنجي ٻارن جي لاشن تي ماتم ڪن: ڪرم الله وقاصي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي ميئر جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ڪرم الله وقاصي چيو آهي ته پ پ عوامي جذبو رکي خدمت ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان تنقيد نه پر عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا.
پنهنجي بيان ۾ ڪرم الله وقاصي چيو ته ميئر مرتضيٰ وهاب شهر جي ذميواري کڻي ٿو ۽ پنهنجي ذميواري کي چڱي ريت نڀائڻ ڄاڻي ٿو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 50 سال اڳ عباسي شهيد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، ان وقت عباسي شهيد اسپتال جو شمار ڪراچي شهر جي بهترين اسپتالن ۾ ٿيندو هو پر بدقسمتي سان جڏهن لاشن جي سياست ڪندڙن جي ميئر چارج سنڀالي ته اسپتال کي تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو.
هن چيو ته پ پ جو نعرو عوامي راڄ ۽ خدمت اهي، جڏهن عوامي خدمت ۽ راڄ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته ان ۾ سنڌي، مهاجر، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا ماڻهو شامل هوندا آهن، اهو هڪ گلدستو آهي، جنهن ۾ هاري، مزدور ۽ معاشري جو هر فرد هوندو آهي.
سندس چوڻ هو لاشن تي سياست ڪندڙ اڄ چون ٿا ته هي علائقا اسان جا آهن، جيڪو عوامي خدمت ڪندو اهو ئي عوام تي راڄ ڪندو، ڪراچي جي عوام پ پ جي ميئر کي چونڊيو آهي، عباسي شهيد اسپتال کي مرتضيٰ وهاب اعليٰ معيار جي بڻائي ڏيکاريندو، پ پ جي سنڌ حڪومت دل جي مرضن جي اسپتالن، جناح اسپتال، ٽراما سينٽر، گمبٽ ۾ سهولتن سميت صوبي ۾ صحت جون جديد سهولتون فراهم ڪيون آهن.
ڪرم الله وقاصي چيو ته اردو ڳالهائيندڙ مائرن اهو ٺيڪو ناهي کنيو ته اهي پنهنجي ٻارن جي لاشن تي ماتم ڪنديون رهن ۽ نه ئي ڀينرون ۽ ڀائر پنهنجي پيارن جا لاش ڪنهن سرد خاني ۾ ڳوليندا وتن، هاڻ مخالفن کي لغڙ وارو قائد سٺو ناهي لڳندو پر لغڙ سٺو لڳندو آهي، ڇو ته لالچ ۽ مفاد آهي، توهان پنهنجو الڳ نشان ڇو نٿا وٺو.
ميئر جي ترجمان چيو ته مرتضيٰ وهاب عوام جي وچ ۾ رهندو آهي ۽ هر پل عوام جي خدمتن لاءِ ڪوششن ۾ آهي، مرتضيٰ وهاب کي مخالفن جي پروپئگنڊا سان ڪو فرق نٿو پئي، ڇو ته هو عوامي خدمت ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.