سون جي اگهه ۾ ٻئي ڏينهن به سوين رپين جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن به سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 16 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 271 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر واڌ سان 2037 ڊالر في اونس آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ 1500 رپين جي واڌ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.