ٽڪ ٽاڪ يوٽيوب بڻجڻ لاءِ تيار

ٽڪ ٽاڪ جي مقبوليت ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپني کي به پاڻ کي تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ڪمپنين پاران ننڍين وڊيوز کي وڌيڪ ترجيح ڏني پئي وڃي.
انسٽاگرام، فيسبڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي پاڻ جهڙو بڻائڻ تي مجبور ڪرڻ کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ پاڻ کي يوٽيوب جهڙو بڻائي رهيو آهي.
ان لاءِ ڪمپني پاران لاڳيتو اهڙن نون فيچرز تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪي ان کي يوٽيوب جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.
ٽڪ ٽاڪ پاران واهپيدارن ۾ يوٽيوب جيان ليند اسڪيپ موڊ تي وڊيوز ٺاهڻ جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪ کي مختصر ورٽيڪل وڊيوز لاءِ سڃاتو ويندو آهي ۽ لينڊ اسڪيپ موڊ تي وڊيوز ٺاهڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي.
لينڊ اسڪيپ وڊيوز جي فيچر جي آزمائش ڪافي عرصي کان ڪئي پئي وئي پر هاڻي ٽڪ ٽاڪ پاران تخليقڪارن کي لينڊ اسڪيپ وڊيو بڻائڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي.
اهڙي هڪ منٽ کان وڌيڪ وقت جي وڊيوز کي ڪمپني پاران پروموٽ به ڪيو ويندو يا ائين چئجي ته اُهي وڊيوز گھڻن ماڻهن جي فيڊ ۾ نظر اينديون.
هڪ رپورٽ موجب ڪجهه تخليقڪارن کي هڪ پروموٽ ذريعي ڪمپني چيو ته لينڊ اسڪيپ وڊيوز کي پوسٽنگ جي 72 ڪلاڪن جي اندر بوسٽ ڪيو ويندو.
ٽڪ ٽاڪ ۾ 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان موجود تخليقڪار ان ويورشپ بوسٽ جا اهل هوندا، بس انهن جون وڊيوز رڳو اشتهار يا ڪنهن سياسي جماعت جون نه هجن.
اها تبديلي اهڙي وقت ڪئي پئي وڃي جڏهن سوشل ميڊيا ايپ ۾ 30 منٽن جو ڊگھيون وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ جي فيچر جي آزمائش ٿي رهي آهي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ٽڪ ٽاڪ پاران تخليقڪارن کي يوٽيوب جهڙو مواد پوسٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
ان جي پي وال پروگرام سيريز ۾ واهپيدار 20 منٽن جي ڊگھين وڊيوز جي ڪليڪشن کي محفوظ ڪري سگھن ٿا جن کي ڏسڻ لاءِ فيس ادا ڪرڻي پوندي آهي.
ڪمپني پاران لينڊ اسڪيپ موڊ ۽ ڊگھين وڊيوز کي ترجيح ڏيڻ تي تخليقڪار يوٽيوب بدران سڌي ريت پنهنجو مواد ٽڪ ٽاڪ تي پوسٽ ڪري سگھندا.
ٻي پاسي يوٽيوب پاران به اهڙا فيچرز متعارف ڪرايا پيا وڃن جيڪي ان کي ٽڪ ٽاڪ جهڙو بڻائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.