خبر ناهي ڪهڙي مخلوق ووٽ غائب ڪري ٿي: اختر مينگل

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي مينگل) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته خبر ناهي ڪهڙي مخلوق ووٽ  غائب ڪري ٿي. ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته عوام پنهنجو فيصلو 8 فيبروري کان اڳ ئي ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام هميشه اسان کي اليڪشن ۾ ووٽ ڏنو، خبر ناهي ڪهڙي مخلوق ووٽ کي گم ڪري ٿي. سردار اختر مينگل وڌيڪ چيو ته هن ڀيري 4 تڪن تان اليڪشن وڙهان پيو، ڪوئيٽا ۽ قلات مان اليڪشن اسيمبلي ۾ وڃڻ لاءِ نه پيو وڙهان. هن چيو ته اليڪشن وڙهڻ جو مقصد اهو ڏيکارڻ آهي ته بي اين پي بلوچستان ۾ رهندڙ عوام جي وارث آهي.بي اين پي سربراهه اهو به چيو ته اسان جا مخالف نامزدگي ڪاغذ رد ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.