عوام کي ماضي جيان ڪم وٺڻو آهي ته سادي اڪثريت ڏيڻي پوندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ اسحاق ڊار جو چوڻ  آهي ته عوام ماضي وانگر اسان سان گڏ هلڻ چاهي ٿو ته کين سادي اڪثريت ڏيڻي پوندي، جڏهن ته اڪثريت ملڻ کانپوءِ اتحاد ٺاهڻ جو فائدو ٿيندو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، معيشت سان ئي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، معيشت جي هلچل سان روزگار پيدا ٿيندو، جي ڊي پي وڌندي ۽ غربت گهٽ ٿيندي. جڏهن ته معيشت جي بحاليءَ جو به ڪرنسي تي هاڪاري اثر پوندو. هن چيو ته ماضي ۾ لوڊشيڊنگ، دهشتگردي ۽ مهانگائي تي ڪاميابيءَ سان ڪنٽرول ڪيو ويو، پر اڄ صورتحال 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکي آهي، پر اسان ڪوشش ڪئي ته ڪو به هدف مقرر نه ڪيو وڃي جنهن تي عمل نه ڪري سگهون.

  • بنون ۾پي ٽي آءِ اميدوار جي گهر اڳيان ڌماڪو،  2 ڄڻا زخمي

بنون /مستونگ ( م ڊ ) بنون ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ملڪ شاهه محمد خان جي گهر اڳيان  ڌماڪو ٿيو. پوليس موجب ڌماڪيدار مادو ملڪ شاهه محمد خان جي گهر جي سامهون موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي وقت ملڪ شاهه محمد خان گهر ۾ موجود نه هو، علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ملڪ شاهه محمد پي ڪي 101 تان پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار آهي. ٻئي پاسي مستونگ ۾ نيشنل پارٽي جي اليڪشن آفيس تي دستي بم حملي ۾ 4 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. نيشنل پارٽي جي ترجمان موجب اڻڄاتل ماڻهن نيشنل پارٽي جي اليڪشن آفيس تي دستي بم اڇلايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪن زخمي ٿي پيا. نيشنل پارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سخت زخمي عبدالعزيز کي ابتدائي طبي امداد بعد ڪوئيٽا ريفر ڪيو ويو.

  • ريلي بابت آگاهه ڪرڻ باوجود پوليس لاٺي چارج ڪيو: خرم شير زمان

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان پي ٽي آءِ جي ريلي تي پوليس جي شيلنگ جي مذمت ڪندي چيو  آهي ته اهي لٺيون ۽ گوليون عوام جي ٽيڪسن جي پئسن سان خريد ڪيون ويون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ خرم شير زمان چيو ته هو تين تلوار تي پي ٽي آءِ جي ريلي تي پوليس شيلنگ جي مذمت ڪن ٿا. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ريلي جي حوالي سان انتظاميا کي آگاهه ڪرڻ باوجود پوليس لاٺي چارج ڪيو، اهي لاٺيون ۽ شيل عوام جي ٽيڪس مان خريد ڪيا ويا. خرم شير زمان چيو ته آءِ جي سنڌ، پوليس انتظاميا پي ٽي آءِ جي خلاف آهي.

  • ڪراچي: روڊن تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف سائيڪل ريلي

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۾ روڊن تي هراساني خلاف سائيڪل ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ 120 سائيڪل سوارن شرڪت  ڪئي. ريلي غير سرڪاري تنظيم ”آهنگ“ جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهر جي مختلف سائيڪل ڪلبن جي ميمبرن شرڪت ڪئي، ميٽرو پول هوٽل کان نڪرندڙ سائيڪل سوار مقرر ڪيل رستن ذريعي سي ويو تي باغ ابن قاسم پهتا. ريلي ۾ 10 کان 60 سالن جي عمر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، سائيڪل هلائيندڙ نوجوان توڙي پوڙها ملڪ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف ريلي جو حصو بڻجڻ تي خوش هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.