اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان تياريون زور شور سان جاري آهن،اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسڪيم جي سمري جاري ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن مطابق عام چونڊن لاءِ ملڪ ۾ ڪل 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ مردن لاءِ 25 هزار 320 ۽ عورتن لاءِ 23 هزار 950 پولنگ اسٽيشنون هونديون،سمري موجب ملڪ ۾ 41 هزار 405 گڏيل پولنگ اسٽيشنون هونديون،سنڌ ۾ 19 هزار 6 پولنگ اسٽيشنون هونديون جن ۾ مردن لاءِ 4 هزار 439،عورتن لاءِ 4 هزار 308 پولنگ اسٽيشنون هونديون، صوبي ۾ 10 هزار 259 گڏيل پولنگ اسٽيشنون هونديون . اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ورهاست شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن 13 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري ورتي، علائقن مان بيلٽ پيپرز جي ورهاست به شروع ڪئي وئي آهي. ٻن ضلعن جا بيلٽ پيپرز به لاڳاپيل ڊي آر اوز ڏانهن اماڻيا ويا آهن جن ۾ لودهران ۽ وهاڙي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا تڪ شامل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب 3 فيبروري تي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ ورهاست جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي 266 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 593 تڪن جي بيلٽ جي ڇپائي جو عمل جاري آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ گڏيل طور تي 26 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇاپيندي. خصوصي فيچر تي ٻڌل بيلٽ پيپرز به ڇاپيا پيا وڃن. عام چونڊن ۾ واٽر مارڪ وارن بيلٽ پيپر جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 3 ڪمپنيون 10 ڪروڙ، 9 ڪروڙ ۽ 7 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇاپينديون.