صنم جاويد ۽ شوڪت بسرا کي به چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن صنم جاويد ۽ شوڪت بسرا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ صنم جاويد ۽ شوڪت بسرا جا ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخاوستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت پهرين اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي تياري جو وقت ڏنو جنهن کانپوءِ عدالت ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن جي مصروفيت سبب ٻڌڻي ٻه وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
وقفي کانپوءِ عدالت صنم جاويد ۽ شوڪت بسرا جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت صنم جاويد کي اين اي 119، 120 ۽ پ پ 150 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي صنم جاويد ۽ شوڪت بسرا کي چونڊ نشان ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اٺ فيبروري تي ڄاڻايل تڪن ۾ اليڪشن شيڊيول موجب چونڊون ڪرايون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.