اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ پرويز الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پرويز الاهي جي وڪيل احسان کوکر دليل ڏيندي چيو ته هو اليڪشن ۾ دير نٿا چاهن، سندس اصيل کي پي پي 32 گجرات جي تڪ تان اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
عدالت سوال ڪيو ته پلاٽ جي ڪاغذن تائين اوهان کي ڪيئن پهچ ملي جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته پلاٽ جا دستاويز تپيدار کان مليا آهن.
جسٽس اطهر چيو ته ڇا اوهان جو اهو چوڻ چاهيو ٿا ته ته نگران حڪومت ان ۾ ملوث آهي؟.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ووٽرز کي سندن ووٽ جي حق کان محروم نه رکڻ گهرجي، رٽرننگ آفيسر جو ڪم سهولت پيدا ڪرڻ آهي چونڊن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ناهي، عجيب ڳالهه آهي هڪ ئي سياسي پارٽي سان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، اليڪشن جو مطلب ماڻهن جي شموليت آهي کين ٻاهر ڪرڻ ناهي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرٽيڪل 17 چئي ٿو ته اثرائتن سببن کانسواءِ اليڪشن کان روڪي نٿو سگهجي، آئين چونڊن لاءِ ڊي فرنچائر ناهي انفرنچرائز ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو.
عدالت پرويز الاهي جي اپيل منظور ڪندي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پرويز الاهي جو نالو بيلٽ پيپر ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي ٻين سمورين چونڊ تڪن تان هٿ کڻي ورتو آهي.
You might also like