ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن ڪري موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي آءِ اي جو فلائٽ آپريشن متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، مسافرن لاءِ نئون الرٽ جاري ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 3 فيض پور کان رجانا ۽ ايم 2 ڪوٽ مومن کان فاروق آباد تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم 4 تي عبدالحڪيم کان فيصل آباد ۽ عبدالحڪيم کان پنڊي ڀٽيان تائين ٽريفڪ جي جي داخلا روڪي وئي آهي.
ٻئي پاسي ڪوهيڙي سبب پي آءِ اي جو فلائٽ آپريشن متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ پي آءِ اي مسافرن لاءِ نئون الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پي آءِ اي طرفان جاري الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوهيڙي سبب اڏامون متاثر ٿي سگھن ٿيون، مسافر بڪنگ وقت پنهنجو موبائل نمبر ضرور ڏين.
You might also like