پاڪستان جي چين کي ٻه ارب ڊالرز قرض رول اوور ڪرڻ درخواست

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، چين کان ٻه ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرن جي درخواست ڪري ڇڏي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيني هم منصب لي ڪي چيانگ کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، خط ۾ پاڪستان چين کان هڪ سال لاءِ قرض ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ چين طرفان ٻه ارب ڊالرز جو قرض هڪ سال لاءِ جلد رول اوور ٿيڻ جو امڪان آهي.
چين طرفان ٻه ارب ڊالرز قرض لاءِ 23 مارچ 2024ع تي ڊپازٽ ٽائم مڪمل ٿي ويندو، ٻه ارب ڊالرز جو ڊپازٽ جلد رول اوور ڪرائڻ لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ چيني اختيارين وچ ۾ رابطا به ٿيا آهن.
ذريعن موجب، نگران وزيراعظم مالياتي سهڪار تي چين جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين طرفان مشڪل معاشي صورتحال ۾ پاڪستان کي قرض ادا ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چين مجموعي طور تي پاڪستان کي چار ارب ڊالرز جو قرض سيف ڊپازٽ طور ڏنو آهي، چين وٽان چار ارب ڊالرز قرض ملڻ سان پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو بار گهٽجي ويندو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل عرب رياستن به پاڪستان لاءِ ٻه ارب ڊالرز جو قرض رول اوور ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.