عدالت طرفان ناياب نسل جو چيتو ماريندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪوٽڙي (ن ع آ) کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ڳوٺاڻن پاران ناياب نسل جو چيتو ماررڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ڪالهه کيرٿر نيشنل  پارڪ جي ڪانڀو جبل ويجھو شڪارڪيل ناياب نسل جي چيتي جو جھنگلي جيوت کاتي پاران ٻن نامزد جوابدارن قادر بخش ۽ غلام حسين سونھيرو سميت ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ وائلڊ لائيف گيم واچر جا عملدار کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ مئل چيتي جي لاش سميت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڄامشورآڏو پيش ٿيا، جتي انهن داخل ڪيل ڪيس جو چالان جمع ڪرايو، عدالت ڪيس ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ ريفر ڪري ڇڏيو. عدالت چيتي جي لاش کي هانود ڪري کير ٿر نيشنل پارڪ ميوزيم ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم بعد جهنگلي جيوت کاتي پاران چيتي جو لاش ڪراچي هيڊ آفيس منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد قادر بخش ۽ غلام حسين سونهيرو سميت ٽن اڻڄاتل جوابدارن جي گرفتاري ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.