چونڊون هر ٻن سالن بعد ٿيڻ گهرجن:گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حيدري مارڪيٽ جو دورو ڪيو. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو حيدري مارڪيٽ  جي واپارين ۽ اتي موجود ماڻهن شاندار استقبال ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته چونڊون هر ٻن سالن بعد ٿيڻ گهرجن، 15مهينن ۾ مان عوام جي مسئلن جو حل ڳولي ورتو آھي، هڪ قوم آھي ته هڪ تعليمي نظام هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن وزير جو ٻار ڏن اسڪولن ۾ پڙهي ۽ ڪنهن غريب جو ٻار پيلي اسڪول ۾ پڙهندو آهي، اتي ڪا به ترقي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ڏهن سالن جي پلان ۾ اسان کي اهي ڪم ڪرڻا آهن جيڪي ممڪن آهن، پنهنجي قوم کي مفت کاڌو، زڪوات خيرات کان ٻاهر ڪڍڻو آهي، ڏهن سالن جي منصوبي ۾ مون وٽ اهو به آھي ته عوام جو پئسو عوام تي ڪيئن لڳائڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته صوبي جو گورنر بار بار چئي رهيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم کي روڪيو وڃي، سڄو پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي پر هي شهر ترقي نه ڪري رهيو آهي، هن چيو ته  اسان ترقي جڏهن ڪنداسين جڏهن اسان اهل نمائندن کي منصب تي پهچائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.