تعليم کاتي ۾ ڪيل پروموشن رد

ڪراچي(رپورٽر)نگران وڏي وزير جي هدايت تي  اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾  گريڊ هڪ کان 4 جي جونيئر ڪلارڪن جا گريڊ 11 ۾ ڪيل پروموشن رد ڪيا ويا آهن، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري  نوٽيفڪيشن جاري ڪندي جونيئر  ڪلارڪ ٽائپسٽ گريڊ هڪ کان 4 جي ملازمن جا ڪيل پروموشن کي ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي.

صنم جاويد عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

صنم جاويد  اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اميدوار صنم جاويد عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. عدالت سڳوري ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار صنم جاويد طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته صنم جاويد جا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119، اين اي 120 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 150 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا هئا. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 163 تان شوڪت بسرا به اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. اپيلن ۾ درخواستگذارن اليڪشن ٽربيونلز جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.