ڪوئيٽا (م ڊ) تربت ۾ اليڪشن ڪميشن جي ريجنل آفيس جي احاطي ۾ دستي بم حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، پوليس موجب تربت ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو، پوليس ٻڌايو ته اڻڄاتل جوابدارن آفيس اندر دستي بم ڦٽو ڪيو ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، مارجي ويل پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ نمروز جي نالي سان ٿي آهي، پوليس عملدارن ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ حسين بلوچ ٻڌايو ته حملي آور ٽن موٽرسائيڪلن تي آيا هئا ۽ هو اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ پئي چاهيو، ليويز فورسز جي اهلڪارن جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن سبب حملي آور فرار ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان جي نگران گهرو وزير مير علي مردان ڊومڪي واقعي جي مذمت ڪئي آهي، حملي کي چونڊ عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي سازش ۽ ڪوشش قرار ڏنو آهي.