ڪراچي(رپورٽر) نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته عام چونڊن ۾ رينجرز جا 10 هزار ۽ پاڪ فوج جا 14 هزار جوان ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، رينجرز کي اليڪشن لاءِ اضافي گاڏيون پڻ فراهم ڪيون وينديون، صوبي ۾ مجموعي طور تي 19006 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون جن مان 6531 پولنگون حساس ۽ 6496 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، پوليس کي خرچ پکي لاءِ 625 ڏهائي 46 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن .نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر وزيراعليٰ هائوس ۾ عام چونڊن بابت ٿيل اهم اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن هدايت ڪئي آهي ته پولنگ اسٽيشنن ٻاهران ايمبولينس، ڊاڪٽرز ۽ فائربرگيڊ جا انتظام ڪيا وڃن، چونڊن واري ڏينهن صحت کاتي جو عملو،فائرفائٽرز ۽ سول ڊفينس جي عملي کي پڻ مقرر ڪيو ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي رٿا تي جلدي ڪم شروع ڪيو ويندو وڏي وزير چيو ته اليڪشن ۾ نفري جي کوٽ آهي ان ڪري هڪڙي تجويز اها به آهي ته پوليس جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اهي نوجوان جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري ڀرتي نه سگهيا آهن انهن جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.