80 سيڪڙو فوج پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، اسان کي هارائي نٿو سگهجي: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي نگران وفاقي حڪومت جي نگران ۾ جاچ کي نٿا مڃون، عوا جي ڪاوڙ 8 فيبروري تي نڪرندي، اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته 9 مئي بابت ڪا به آزادنه انڪوائري ناهي ٿي سگهي، نگران حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن مليل آهن، جيستائين جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس ۽ ٻين ملڪيتن جا سي سي ٽي وي فٽيجز چوري ڪندڙن کي نٿو پڪڙيو وڃي حقيقتون سامهون نٿيون اچي سگهن، جنهن به ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏنيون انهن کي پڪڙيو وڃي پر پهريان آزادانه جاچ ڪرائي وڃي، آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي جڏهن حملو ٿيو ته جوابدارن کي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو هو، اسان وٽ وڊيوز آهن جنهن ۾ ياسمين راشد ڪارڪنن کي هدايتون ڏئي رهي آهي ته ڪور ڪمانڊر هائوس ڏانهن ناهي وڃڻو، عمران خان چيو ته 80 سيڪڙو فوج پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، هي جيڪا مرضي ڪري ورٺن، چونڊ نشان وٺن پر پي ٽي آءِ کي هارائي نٿا سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.