اسلام آباد ۾ دهشتگردن جو اطلاع ۽ اوريا مقبول جو ٽوئيٽ !

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي حامي اوريا جان مقبول ٽوئيٽ ذريعي خبردار ڪيو آهي ته  8 فيبروري تي پولنگ واري ڏينهن منجهند جو 12 وڳي رتو ڇاڻ شروع ٿي ويندي. صحافي نور الله  جو چوڻ آهي ته هڪ طرف اوريا جان جو ٽوئيٽ آهي ته ٻئي طرف ڳجهن ادارن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽي پي جا اٽڪل 17 دهشتگرد اسلام آباد ۽ ڀرپاسي پهچي ويا آهن ان ڪري ادارن هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ان کان اڳ ڳجهن ادارن رپورٽ ڪيو هو ته هڪ آپگهاتي عورت ڪنهن يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملو ڪرڻ لاءِ پهتل آهي ان ڪري ڪجهه يونيورسٽيون بند ڪيون ويون آهن، جيئن جيئن چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن تئين تئين دهشتگرد سرگرمين جون رپورٽون اچي رهيون آهن، جن مان لڳي ٿو ته ڪي ڌريون اڃان تائين چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهن، ان ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهي سازشون ناڪام ڪرڻ لاءِ هر وقت  چوڪس رهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.