ڪشمور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، سيپڪو لائين مين مارجي ويو

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور ٿاڻي جي حد کوسا پل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيپڪو لائين مين جاويد جکراڻي مارجي ويو ،   موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل ھٿياربندن سيپڪو لائين مين جاويد جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته جکراڻي برادري جي سيپاز پاڙي سان مقتول ڌر جو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو ۽ بنگوار برادري سان به اختلاف ھئا مارجي ويل بجلي لائين مين جو مڙهه تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول بخشاپور جي ڳوٺ لونگ خان جکراڻي جو رهواسي هو جيڪو ڪشمور سيپڪو سب ڊويزن ۾ لائين مين طور ڪم ڪندو هو، مڙھ اباڻي ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، مقتول جي وارثن طرفان اي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.