ڪوئيٽا(تجزيو:انور ساجدي) رپورٽن مطابق پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ادائيگين لاءِ 70 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، ظاهري طور اهو هڪ مشڪل ٽارگيٽ آهي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن کي وڌيڪ قرض حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ايتري وڏي رقم جو انتظام ڪجهه اهم ملڪي اثاثن کي وڪرو ڪرڻ ۽ ڪجهه کي گروي رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي، اهي هدف تڏهن حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن ملڪ ۾ هڪ مستحڪم سياسي حڪومت قائم ٿئي پر ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ ڪا مستحڪم حڪومت قائم ٿيندي نظر نه پئي اچي، جيڪڏهن ڪا لولي لنگڙي حڪومت قائم به ٿي ته اها مسلسل بحرانن جي وڪڙ ۾ رهندي، جنهن جي ڪري اها ديو نما معاشي مسئلا حل ڪرڻ کان لاچار رهندي،اهو به طئي ناهي ته جيڪا حڪومت ايندي ان کي اختيار به حاصل هوندا يا نه؟فوج سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ادارو بڻايو آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن کي اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي ،فوج زراعت لاءِ زمينون حاصل ڪري رهي آهي، هڪ سوال اهو آهي ته ريڪوڊڪ جا اڌ شيئر جيڪي مملڪت پاڪستان ۽ بلوچستان حڪومت جي ملڪيت آهن، وفاق بلوچستان جا حق سلب ڪري هڪ طرفي طور تي ڪيئن سعودي عرب کي وڪرو ڪري سگهي ٿو، جيئن چيني ڪمپني سينڊڪ جي رٿا مان هڪ پائي به بلوچستان کي نه ڏئي رهي آهي ڪهڙي بعيد آهي ته ريڪوڊ جي ڌر به بلوچستان کي ان جي حق کان محروم رکي، فراڊ اليڪشن ذريعي نواز ليگ کي حڪومت ڏني وئي ته ان(نواز ليگ) کان اڳواٽ اهو لکرايو ويو آهي ته ارڙهين ترميم جي اهم شقن کي ختم ڪيو ويندو جن ۾ ڪجهه شقن ۾ صوبن جا شيئرز ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي شامل آهي، هي جيڪو بلاول ٺينگ ٺپا ڏئي رهيو آهي ان جو حاصل ڪجهه چونڊ پريڪٽس کانسواءِ ڪجهه ناهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ارڙهين ترميم جي سلسلي ۾ زرداري سان به ڳالهيون جاري آهن، اهو عمل طئي ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي سياسي ڪردار جو تعين ٿيندو، ن ليگ جي اتحادي ايم ڪيو ايم ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم جي مڪمل خاتمي جي حق ۾ آهي، خدشو اهو آهي ته جيڪڏهن ارڙهين ترميم جو خاتمو ٿي ويو ته معاملو ايستائين نه رڪندو ڇو ته رياست کي هلائيندڙ ادارا وفاق ۽ ان جي اڪاين کان تنگ اچي چڪا آهن اهي صوبن جي حيثيت گهٽ ڪري انهن کي ايوب خان جي ڊويزن جي سطح تي آڻڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن اهي معاملا طئي ٿي ويا ته يقيني طور تي چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون نتيجو ان طرح هوندو ته ونڊ ورڇ ۾ 80 سيٽون نواز ليگ کي ڏنيون وينديون،زرداري جي حصي ۾ 70 کان 75 سيٽون اينديون، باقي سمورا آزاد هوندا، آزاد مرڪز جي ڊسپلين ۾ رهندا،انهن ذريعي ئي حڪومت سازي ٿيندي، ارڙهين ترميم بابت ن ليگ جا اتحادي اختر مينگل جي بي اين پي،ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي نيشنل پارٽي۽ محمود اچڪزئي جي پشتونخواه ميپ ان بابت ڪهڙو فيصلو ڪن ٿا اهو ته وقت اچڻ تي خبر پوندي باقي جيستائين مولانا فضل الرحمان جو تعلق آهي، وحداني نظام هجي يا پارلياماني نظام،هن کي فرق نٿو پوي، کيس رڳو اقتدار سان غرض آهي،جڏهن ته بلوچستان جي عوام جي اڪثريت تازي بلوچ تحريڪ سان گڏ آهي، قومي تحريڪ جي نئين مرحلي ۾ انساني حقن جي بنياد تي شروع ڪيل جدوجهد رياست کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، پر اها ڪا معمولي تحريڪ ناهي، ماهه رنگ بلوچ جي سنجيده چارٽر کي نظرانداز ڪرڻ ايترو آسان ناهي ڇو ته تازي تحريڪ کي نه رڳو بلوچستان جي عوام بلڪه پشتون ۽ سنڌي مظلوم به ان سان گڏ نظر اچي رهيا آهن، ايئن نه ٿئي ته حڪمرانن جي غلط پاليسي سان اها نظام خلاف هڪ ملڪ گير بغاوت ثابت ٿي وڃي، جيڪڏهن سياستدانن ۾ ڪو اهل شخص هجي ها ته اهو اسٽيٽس ڪو خلاف عوام کي اٿاري ها پر بدقسمتي سان اڪثر سياستدان اسٽيٽس ڪو جا حامي آهن،