پاڪستاني ڄائي انگلش ڪرڪيٽر شعيب بشير کي نيٺ ڀارتي ويزا ملي وئي

پاڪستاني ڄائي انگلش ڪرڪيٽر شعيب بشير کي ڊگهي انتظار کانپوءِ ڀارتي ويزا ملي وئي آهي ۽ هاڻ هو هلندڙ هفتي ڀارت لاءِ روانو ٿيندو.
شعيب بشير کي ويزا ۾ دير بابت مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ابوظهبي کان برطانيا واپس موٽڻو پيو ۽ ان سبب هو انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ حيدرآباددکن ۾ شيڊيول پهرين ٽيسٽ ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
شعيب بشير کي ڀارت خلاف پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ انگلينڊ جي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو، آچر جي ڏينهن انگلينڊ جي پوري ٽيم ابوظهبي رستي ڀارت لاءِ اُڏام ڀري پر شعيب بشير ڀارتي ويزا جاري نه ٿيڻ سبب ٽيم سان گڏ نه وڃي سگهيو.
ان ڏس ۾ انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ آهي ته اِها مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي، اسان پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڊسمبر جي وچ ڌاران ڪيو هو ۽ اڃا تائين شعيب بشير وٽ ڀارت جي ويزا نه آهي.
هن پريس ڪانفرنس دوران چيو ته جڏهن ابوظهبي ۾ پهريون ڀيرو خبر ملي ته اسان فيصلو ڪيو ته جيستائين شعيب بشير کي ويزا نه ملندي اسان ڀارت نه وينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته شعيب بشير لاءِ گهڻو پريشان آهيان ۽ نه ٿو چاهيان ته کيس انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جو حصو بڻجڻ کانپوءِ اهڙي قسم جي صورتحال جو منهن ڏسڻو پوي.
شعيب بشير، جنهن جي ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ انگلينڊ جي ٽيم شموليت حيران ڪندڙ هئي، هنيئر تائين پنهنجي ڪيريئر ۾ ڇهه فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏي چڪو آهي.
ياد رهي ته شعيب پهريون انٽرنيشنل رانديگر نه آهي جنهن کي پاڪستان سان واسطو هئڻ سبب ڀارت تائين پهچن ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو هجي، ان کان اڳ گذريل سال اسلام آباد ۾ جنم وٺندڙ آسٽريلوي اوپنر عثمان خواجا کي به ڪرڪيٽ سيريز کان اڳ ڀارت جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو هو.
گذريل سال ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم کي به ويزائون جاري ڪرڻ م ڀارت طرفان دير ڪئي وئي هئي.
انگلينڊ جي هڪ ٻئي پاڪستاني ڄائي اسپنر ريحان احمد به ڀارت خلاف سيريز لاءِ انگلش ٽيم جو حصو آهي پر وٽس گذريل سال ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ جاري ڪيل ڀارتي ويزا موجود آهي.
انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس موجب، شعيب بشير اُهو پهريون رانديگر نه جيڪو اهڙي قسم جي مشڪل مان گذريو آهي، هو ڪيئي ڪرڪيٽرن سان کيڏي چڪو آهي جن کي اهڙن ئي مسئلن منهن ڏيڻو پيو.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما به معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته ويزا آفيس ۾ ناهيان ويهندو، اميد آهي ته شعيب کي جلد ڀارتي ويزا ملي ويندي.
ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندن حڪومت کي اميد آهي ته ڀارت طرفان سمورن برطانوي شهرين لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل انصاف تي ٻڌل هوندو.
ترجمان چيو ته هو ڪنهن به تفصيل ۾ نه ويندو پر اسان ماضي ۾ هاءِ ڪميشن آڏو اهڙا معاملي اُٿاري چڪا آهيون، اسان اِهو واضح ڪري چڪا آهيون ۽ اسان چاهيون ٿا ته ڀارت ويزا جاري ڪرڻ واري معاملي ۾ سمورن برطانوي شهرين سان برابري ۽ منصفاڻو ورتاءُ ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته اسان پهريان به پاڪستاني ڄاون برطانوي شهرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي، انکانسواءِ برطانوي شهرين کي لنڊن ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ ويزا واري عمل ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين وارومعاملو به اٿاريو آهي.
شعيب بشير جي غير موجودگي ۾ حيدرآباد دکن ۾ ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ انگلينڊ جي ٽيم ۾ ٽن اسپنرن جيڪ ليچ، ريحان احمد ۽ ٽوم هارٽلي کي شامل ڪيو ويو آهي ڇو ته حيدرآباد جي خشڪ پِچ اسپنرز لاءِ سازگار هوندي آهي.
انگلينڊ طرفان پهرين ٽيسٽ ۾ هڪ فاسٽ بالر مارڪ ووڊ سان ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بين فوڪس وڪيٽ ڪيپر طور کيڏندو جڏهن ته جوني بيئرسٽو بيٽر جي حيثيت ۾ کيڏندو.
ياد رهي ته انگلينڊ جو مڊل آرڊر بيٽر هيري بروڪ ذاتي سببن جي بنياد تي ڀارت وڃڻ کان معذرت ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.