ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي فراهمي ۾ رنڊڪ تي عدالت جو وڏو حڪم اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چونڊن تائين سمورن شهرين کي انٽرنيٽ جي سروس بنا وقفي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي هر هر بندش ۽ وقفي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 17 ڊسمبر، 7 ۽ 20 جنوري تي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا تائين پهچ معطل رهي.
جبران ناصر ايڊووڪيٽ چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس مسلسل وقفي جو شڪار آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته انٽرنيٽ سروس جي بنا جواز بندش ۽ وقفي سبب اميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
درخواست ۾ گهرو وزارت، آءِ ٽي، مواصلات واري وزارت ۽ پي ٽي اي کي ڌر بڻايو ويو ۽ اپيل ڪئي وئي ته ڌرين کي هدايت جاري ڪئي وڃي ته عام چونڊن تائين شهرين جي سوشل ميڊيا تائين پهچ ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.
عدالت چونڊن تائين شهرين کي انٽرنيٽ سروس بنا وقفي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي منع نامو جاري ڪندي ڌرين کان 29 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو.
واضح رهي ته پي ايس 110 مان اميدوار ناصر ايڊووڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.