آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر 2023 جو اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي جارحاڻي بيٽر سوريا ڪمار ياديو مسلسل ٻيو ڀيرو آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي.
آءِ سي سي سال 2023 جي مختلف ڪيٽيگريز جي بهترين ڪرڪيٽرز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نيوزيلينڊ جي مارڪ چيپمين، يوگينڊا جي ايپيش رامجاني، زمبابوي جي سڪند رضا ۽ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو ۾ سخت مقابلو هو.
پر ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو سال 2023ع ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري مينزٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو، هن اِهو اعزاز مسلسل ٻيو ڀيرو حاصل ڪيو آهي.
سوريا ڪمار ياديو 2023ع ۾ 17 ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ 155.95 جي اسٽرائيڪ ريٽ ۽ 48.86 جي ايوريج سان ست سئو ٽيٽيهه رنسون ٺاهيون.
ٻئي پاسي وومينز ڪيٽيگري ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان هيلي ميٿيوز سال جي بهترين ٽي ٽوئنٽي پليئر رهي.
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي سبب سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندڙ نيوزيلينڊ جي نوجوان آل رائوندڙ راچن رويندرا آءِ سي سي ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽي ورتو، جڏهن ته وومينز ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعزاز آسٽريليا جي فوئبي لچفيلڊ ماڻيو.
ان کانسواءِ نيڌرلينڊز جي باسڊيليڊا کي مينز ايسوسي ايٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڪينيا جي ڪوئنٽر ايبل وومنيز ايسوسي ايٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.