بُري وقت ۾ شان مون کي پنهنجا ڪپڙا ڏنا: فيصل قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فيصل قريشي انڊسٽري ۾ ڪيل محنت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
اداڪار، ماڊل ۽ ميزبان فيصل قريشي تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميزبان جي سوالن جا جواب ڏنا.
هڪ سوال جو جواب ڏيندي اداڪار ٻڌايو ته آئون تمام خراب حالتن مان گذري رهيو هيس ۽ ان دوران اهڙيون حالتون به آيون جو مون وٽ کائڻ جا پئسا به نه هوندا هئا.
هن ٻڌايو ته ان سخت دور ۾ ڪم هلي رهيو هو پر ڪپڙن جي کوٽ هئي، آئون ڪڏهن دوستن کان ڪپڙا وٺي ايندو هيس، انهيءَ دوران اتفاق ائين ٿيو جو آئون هڪ گيت جي شوٽنگ ڪرائي رهيو هيس ته ليجنڊ اداڪار شان مون کي اسٽوڊيو جي ٻاهران مليو.
اداڪار ٻڌايو ته شان مون کان پڇيو ته ڇا ڪري رهيو آهين جنهن تي آئون کيس ٻڌايو ته گيت شوٽ ڪرائي رهيو آهيان، پوءِ شان مون کي چيو ته هي تون ڇا پهريو آهي، فلم کي هڪ ڀيرو شوٽ ٿي گھڻو عرصو هلڻو آهي تنهنڪري ڪا ٽي شرٽ ۽ ليدر جي جيڪيٽ پاءِ.
فيصل قريشي ٻڌايو ته آئون شان کي چيو ته اهي ڪپڙا مون وٽ ڪٿان ايندا، ته شان مون کي فوري طور تي پنهنجي ٽي شرٽ ۽ ليدر جي جيڪيٽ لاهي ڏئي ڇڏي ۽ منهنجي شرٽ پاڻ پهري.
فيصل قريشي چيو ته اهو اداڪار جو شان جو مون تي احساس آهي جيڪو آئون ڪڏهن به نٿو وساري سگھان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.