”خواب ۾ تشدد“ شاگردياڻي جي دانهن تي ماسترياڻي کي طلب ڪيو ويو

سعودي عرب جي هڪ اسڪول جي شاگردياڻي طرفان ٽيچر خلاف عجيب شڪايت داخل ڪرائڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شاگردياڻي جي شڪايت تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي، شاگردياڻي طرفان داخل ڪرايل شڪايت بابت ٽيچر کان پڇا ڪئي وئي ته ان جي حيرانگي جي انتها نه رهي.
شاگردياڻي طرفان داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ان خواب ۾ ڏٺو آهي ته ٽيچر مٿس تشدد ڪري رهي آهي.
شاگردياڻي خواب جو اهو واقعو پنهنجي گهر وارن کي ٻڌايو، گهر وارن تعليم واري وزارت جي رابطي پورٽل تي شڪايت داخل ڪرائي.
جاچ ڪميٽي شڪايت جو نوٽيس وٺي اسڪول پهتي ته خبر پئي شڪايت تخيلاتي آهي، جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خواب ۾ ٿيو هو، حقيقت سان ان جو ڪو واسطو ناهي، جاچ ڪميٽي حقيقت سامهون اچڻ تي ڪارروائي روڪي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.