نگران وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ جي اپيل تي فيصلو محفوظ

لاهور (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ٿي.
سرڪاري وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرن جي ڇپائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ درخواست غير اثرائتي ٿي وئي آهي، خارج ڪئي وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 15 نومبر تي نگران وزيراعظم جو 90 ڏينهن جو آئيني مدو مڪمل ٿي چڪو، 90 ڏينهن کانپوءِ نگران وزيراعظم جو عهدي تي برقرار رهڻ غير قانوني آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ دليل ٻڌڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.