سائنسدانن ٻوٽن جي ڳالهائڻ جي وڊيو تيار ڪري ورتي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جپاني سائنسدانن حيران ڪندڙ ڪم ڪندي ٻوٽن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو آهي.

جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوٽا مادي جا ذرڙا خارچ ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهن.

جپان جي Saitama يونيورستي جي ماهرن اها دريافت ڪئي آهي.

تحقيق ۾ بڌايو ويو ته ٻوٽا پنهنجي ويجهو خطرو محسوس ڪري پاڻ ۾ رابطو ڪندا آهن.

جپاني سائنسدانن هڪ وڊيو ۾ ڏيکاريو ته ڪيئن ٻوٽا هوا ذريعي ڏنل خطرن جي سگنلز تي ردعمل ظاهر ڪن ٿا.

محققن ٻڌايو ته مادي جي بوءِ تي صحتمند ٻوٽن پاران ردعمل ظاهر ڪيو ويندو آهي.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوٽا پنهنجي ويجهو موجود ٻوٽن مان خارج ٿيندڙ مادي  جي بوءِ محسوس ڪندا آهن جن کي جيتن يا ٻين سببن جي ڪري نقصان پهچندو آهي، جنهن کان پوءِ مختلف دفاعي نظام متحرڪ ٿيندا آهن.

ماهرن جو چوڻ هو ته ٻوٽن جي وچ ۾ رابطو انهن کي ماحولياتي خطرن کان تحفظ فراهم ڪندو آهي.

ٻوٽن جي گڏيل رابطي کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ سائنسدانن پنن ۽ جيتن سان ڀريل هڪ ڪنٽينر تي هڪ پمپ لڳايو.

ان سان گڏ ٻئي دٻي ۾ Arabidopsis thaliana نالي ٻوٽو هو جنهن جي پنن کي جيتن کي کائڻ ڏنو ويو.

پوءِ اهو مشاهدو ڪيو ويو ته ويجهو موجود انهيءَ قسم جي صحتمند ٻوٽن خطري جي سگنلز تي ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪيو.

انهن ڪيمرا ۾ هڪ بائيوسينسر لڳايو جيڪو سائي چمڪ خار ڪري پيو ته جيئن ٻوٽن وچ ۾ رابطي لاءِ استعمال ٿيندڙ calcium ions کي ڏسي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.