محمد عامر جي مداحن لاءِ بُري خبر

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي بابت سوال تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي .
آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ ڊيزرٽ وائپرز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر 2020ع ۾ ان وقت جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ وقار يونس طرفان پاڻ سان ٿيل ناانصافي جو حوالو ڏيندي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي.
محمد عامر هلندڙ هفتي نيوزيلينڊ هٿان پاڪستان جي شڪست تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شاهين آفريدي جي حمايت ڪئي هئي.
محمد عامر چيو ته هو هن وقت گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي هاڻ وٽس ڪرڻ لاءِ مختلف شيون موجود آهن، قومي ٽيم ۾ واپسي جو باب بند ٿي چڪو آهي.
محمد عامر چيو ته هن لاءِ اِهو بحث ختم ٿي چڪو آهي، ٽي سال عالمي ڪرڪيٽ کان پري رهڻ کانپوءِ واپسي وارو فيصلو سٺو نه سمجهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.