عام چونڊون: سنڌ حڪومت جو اسڪائوٽس جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عام چونڊن ۾ ڊيوٽي لاءِ اسڪائوٽس جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي مانيٽرنگ نظام اسڪائوٽس حوالي هوندو.
سنڌ جي گهرو کاتي خدمتن لاءِ سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن کي خط لکي ڇڏيو، آءِ جي پوليس به اسڪائوٽس جي پولنگ اسٽيشنز تي چونڊ ڊيوٽي لاءِ رابطو ڪيو ۽ ڊي آر او ڏکڻ سي سي ٽي وي مانيٽرنگ لاءِ اسڪائوٽس جون خدمتون گهريون آهن.
ٺٽي، اولهه ضلعي ۾ به حساس پولنگ اسٽيشنز تي اسڪائوٽس جي خدمتن لاءِ رابطو ڪيو ويو ۽ درخواست ۾ چيو ويو ته ڪراچي ڏکڻ ۾ 300 اسڪائوٽس جون خدمتون سي سي ٽي وي مانيٽرنگ لاءِ گهربل هونديون.
گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته حساس ترين پولنگ اسٽيشنز تي پوليس سان گڏ اسڪائوٽس ڊيوٽي ڏيندا، جڏهن ته اولهه ضلعي ۾ 400 اسڪائوٽس جون خدمتون طلب ڪيون ويون آهن.
حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي مانيٽنرگ نظام اسڪائوٽس حوالي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.