چين: اسٽور ۾ باهه لڳڻ سبب 39 ماڻهو سڙي فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وچ چيني صوبي جيانگ شي ۾ هڪ اسٽور ۾ باهه لڳڻ سبب 39 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽس موجب باهه مقامي وقت موجب اربع جي ڏينهن منجهند جو زينيو شهر ۾ هڪ اسٽور جي تهه خاني ۾ لڳي.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايمرجنسي سروس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي جڏهن ته امدادي ڪارروائي جاري آهي.
رپورٽ موجب حادثي ۾ 39 ڄڻا سڙي فوت ٿيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
چيني صدر شي جِن پنگ واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ به هينان صوبي ۾ اسڪول اسڪول جي هاسٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 13 ٻار سڙي فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.