آپگهات لاءِ پُل تي چڙهي ويل شخص بريانيءَ جي آڇ تي هيٺ لهي آيو

سڄي دنيا ۾ برياني جا شوقين ته هوندا پر برياني جي هڪ پليٽ جي آڇ تي آپگهات جو ارادو تبديل ڪري ڇڏيندڙ شهري متان ئي اوهان ڪڏهن ڏٺو هجي.
ڀارتي ميڊيا موجب اها پريشان ڪندڙ ۽ کِل جوڳي صورتحال ڪولڪته ۾ پيش آئي جتي پوليس آپگهات لاءِ پُل تي چڙهيل شخص کي هيٺ لاهڻ لاءِ هڪ پليٽ برياني جي آڇ ڪئي.
ڪولڪته ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ موٽرسائيڪل سوار 40 سالن جي شهري پنهنجي وڏي ڌيءَ کي موبائيل هجڻ جو بهانو بڻائي موٽرسائيڪل روڪي ڇڏي.
ڌيءَ پوليس کي ٻڌايو ته هن جي پيءُ موٽرسائيڪل روڪي موبائيل ڳولڻ لڳو پر اوچتو سندس پيءُ کيس اڪيلو ڇڏي پُل تي چڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڪولڪته پوليس موجب پل تي چڙهي ويل شخص جي ڪري ڪلاڪن تائين ٽريفڪ متاثر رهي، ان کان پوءِ پوليس ان شخص کي هيٺ لهڻ لاءِ مهانگي ريسٽورنٽ جي هڪ پليٽ برياني جي آڇ ڪئي ۽ نوڪري ڏيڻ جو به واعدو ڪيو جنهن تي هو هيٺ لهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.