گوهر اعجاز کي گهرو وزير جي واڌو چارج ڏني وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمبدان به ڏئي ڇڏيو.
گوهر اعجاز کي نگران گهرو وزير بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، وٽس سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزارت جو قلمدان به آهي.
گوهر اعجاز گهرو وزارت پهچي باقاعده طور قلمدان سنڀالي ورتو، گهرو وزارت پهچڻ تي سينيئر اختيارين سندس آجيان ڪئي.
واضح رهي ته سرفراز بگٽي جي استعيفيٰ کانپوءِ گهرو وزير جو عهدو خالي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.