ها نواز شريف لاڏلو آهي پر عوام جو: مريم نواز

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز، عمران خان جو نالو کڻڻ بنا کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته نواز شريف توهان کي نه ڪڍيو، توهان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي.
ننڪانه صاحب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف توهان کي جعلسازي سان نه ڪڍيو، توهان جي خلاف سازش نه ڪئي پر توهان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي.
هن چيو ته اسان جو مقابلو ڪنهن شخص سان نه پر مهانگائي سان آهي، نواز شريف هر دور ۾ عوام کي رليف ڏنو، 8 فيبروري تي نواز شريف کي ايترا ووٽ ڏيو جو توهان کي مهانگائي ۽ بيروزگاري مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.
سندس چوڻ هو ته ها نواز شريف لاڏلو آهي پر عوام جو آهي، نواز شريف مقابلي تي ئي نه هو ته ڇا جي مقبوليت؟ توهان نواز شريف کي مقابلي کان ٻاهر ڪري چيو ته وڏا مقبول آهيون، هاڻ نواز شريف اچي ويو آهي، هاڻ خبر پئجي ويندي ته ڪير مقبول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.