واٽس جو نئون فيچر جنهن بابت ڪنهن تصور به نه ڪيو هوندو

واٽس ايپ ۾ جلد اهڙو فيچر شامل ٿيڻ وارو آهي جنهن جو واهپيدارن ڪڏهن تصور به نه ڪيو ويندو.
واٽس ايپ پاران يورپي يونين جي ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ تي عملدرآمد لاءِ ٿرڊ پارٽي چيٽ آپشن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
اهو واٽس ايپ جو اهڙو فيچر آهي جنهن جي ذريعي واهپيدار ٻين ميسيجنگ ايپس جهڙوڪ ٽيليگرام ۽ سگنل وغيرا تي به دوستن سان چيٽ ڪري سگھندا.
رپورٽ موجب آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورجن ۾ ان فيچر جو اشارو ڏنو ويو آهي.
يورپ ۾ واٽس ايپ ۽ فيسبڪ ميسينجر مشهور ترين ميسيجنگ پليٽ فارمز آهن پر نون يورپي قانونن تحت ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي چيٽ انٽرپورٽ ايبلٽي کي ممڪن بڻائڻو پوندو.
واٽس ايپ سان گڏوگڏ ميٽا پاران فيسبڪ ميسيجز ۾ به ڪراس پليٽ فارم ميسيجنگ جي فيچر کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ڊجيتل مارڪيٽس ايڪٽ تحت وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جهڙوڪ ايمازون، ايپل، مائڪروسافٽ ۽ الفابيٽ کي گيٽ ڪيپر قرار ڏيندي نون قانونن تي عملدرآمد لاءِ اپريل 2024ع جي مهلت ڏني وئي آهي.
يعني واٽس ايپ ۾ اهو نئون فيچر اپريل 2024ع تائين متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ان سان واٽس ۾ ئي رهندي ٻين ايپس جي واهپيدارن سان چيٽ ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.