ڊيرا عازي خان ۾ سرحدي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رات دير سان ڊيرا غازي خان جي سرحدي چوڪي جهنگي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته چيڪ پوسٽ جهنگي تي ڪالعدم تنظيم جي 8 کان 10 دهشتگردن حملي جي ڪوشش ڪئي، جوانن جديد ترين ٿرمل اميج ڪئميرائن جي مدد سان دهشتگردن جي نشاندهي ڪئي.
هن چيو ته پوليس جي فائرنگ ۾ دهشتگرد ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.