ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان، مچل مارش ڪپتان

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، آل رائونڊر مچل مارش ٽيم جي قيادت ڪندو، فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ۽ ڊيوڊ وارنر جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، گلين ميڪسويل کي به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
ان کانسواءِ ٽِم ڊيوڊ، شان ايبٽ، جيسن بينڊروف، نيٿن ايلس، ٽرويس هيڊ ، جوش انگلس، مئٽ شارٽ، مارڪس اسٽوئنس، ميٿيو ويڊ ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.


ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ ۽ اسٽيو سمٿ اسڪواڊ جو حصو نه آهن، ٽِي ٽوئنٽي سيريز جون ميچون نوَ، يارنهن ۽ تيرنهن فيبروريءَ تي شيڊيولڊ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.