”پاڪستان رانديگرن کي ليگ ڪرڪيٽ جي اجازت نه ملي ته رٽائر ٿي ويندا“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي چيو آهي ته فرنچائز ڪرڪيٽ ايتري وڌي وئي آهي جو بورڊ کي رانديگرن کي اجازت ڏيڻي پوندي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي بيٽر چيو ته فرنچائز ڪرڪيٽ جي اجازت ڏيڻي پوندي، ٻي صورت ۾ رانديگرن پاران رٽائرمينٽ وٺڻ جو خدشو آهي، عماد وسيم ۽ محمد عامر ان جو مثال آهن.
هن چيو ته ڊيمن فليمنگ، مائيڪ هسي ۽ گلڪرسٽ جهڙن پليئرن به آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ رٽائرمينٽ ورتي ڇو ته فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ پئسا وڌيڪ ملندا آهن، رانديگر ويهه ڏينهن ۾ ايترا پئسا ملندا آهن جيترا هڪ سال ۾ بورڊ وٽان ناهن ملندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.