2024ع لاءِ دنيا جا 10 بهترين شهر

ڇا ڪا شيءِ ڪنهن شهر کي بهترين بڻائيندي آهي؟ ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ مصروف علائقا، سستا کاڌا ۽ ٻيون سهولتون اهم هجن ٿيون.

ٻين جو مڃڻ آهي ته ساوڪ وارن هنڌن تائين پهچ، مقامي ماڻهن جي خوشي ۽ سماجي هم آهنگي جهڙا عنصر شهرن کي بهترين بڻائين ٿا.

ٽائيم آئوٽ جي سيالياني سروي ۾ 2024ع لاءِ 50 بهترين شهرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ ماهرن سان گڏوگڏ اتان جي مقامي رهواسين جي راءِ کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي.

ان سروي ۾ هزارين ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو ۽ شهرن جي زندگي جي معيار، خوراڪ جي اگھن، ثقافت ۽ ٻين رخن کي نظر ۾ رکي درجه بندي ڪئي وئي.

لسٽ ۾ شامل ٽاپ 10 شهر هيٺ بيان ڪجن ٿا.

10-پورٽو، پرتگال

يورپي ملڪ پرتگال جي ان شهر کي لسٽ ۾ ڏهين نمبر تي رکيو ويو آهي.

9روم، اٽلي

اٽلي جي راڄڌاني روم پنهنجي تاريخسي آثارن جي ڪري سٺي دنيا جي سياحن جو پنسديدهه هنڌ آهي.

پر ان سان گڏوگڏ هتان جا پڪوان، اوپن ايئر مارڪيٽون ۽ ٻيا هنڌ به ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز آهن.

8-ٽوڪيو، جپان

آبادي جي لحاظ سان دنيا جو سڀ کان وڏو شهر ٽوڪيو ان لسٽ ۾ اٺين نمبر تي آهي.

7-ليورپول، برطانيا

برطانيا جو اهو شهر فٽبال ميچز لاءِ سڃاتو وڃي ٿو پر ان سان گڏوگڏ چيو ويندو آهي ته اهو اُهو شهر آهي جيڪو ڪڏهن به ناهي سمهندو.

6-ميڪسيڪو سٽي، ميڪسيڪو

ميڪسيڪو جو اهو شهر ان ملڪ جو ثقافتي مرڪز به آهي جڏهن تي هتي کاڌا، موسم ۽ سستي طرز زندگي ان کي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي پهچايو.

5-ميڊرڊ، اسپين

اسپين جو اهو شهر ان لسٽ ۾ 5 نمبر تي آهي.

4-لنڊن، برطانيا

برطانوي راڄڌاني لنڊن ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، اهو انهن ڪجهه شهرن مان هڪ آهي جتي هر سال سڀ کان وڌيڪ سياح رخ ڪندا آهن.

لنڊن دنيا جي ممتاز واپاري، معاشي ۽ ثقافتي مرڪزن مان هڪ آهي.

3-برلن، جرمني

جرمني جي ان شهر جي حصي ۾ 2024ع جي ٽين بهترين شهر جو اعزاز آيو آهي.

2-ڪيپ ٽائون، ڏکڻ آفريقا

سروي ۾ هر فرد ان شهر کي خوبصورت قرار ڏنو جيڪي سامونڊي علائقن، شهري زندگي ۽ خوبصورت جابلو منظر رکندڙ آهي.

پر ان سان گڏوگڏ اتان جي ثقافتي زندگي ان کي 2024ع ۾ دنيا جو ٻيو بهترين شهر بڻايو.

1-نيويارڪ، آمريڪا

نيويارڪ بابت چيو ويندو آهي ته اِهو اُهو شهر آهي جيڪو سمهندو نه آهي.

اهو اُهو شهر آهي جتي دنيا جي هر حصي جا واسي رهن ٿا ان ڪري سياحن کي اتي گھڻي اجنبيت محسوس نه ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.