عمران خان هن وقت به پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ!

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ناليواري آمريڪي ويب سائيٽ بلوم برگ عمران خان کي پاڪستان جو مقبول ترين اڳواڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو مقبوليت ۾ نواز شريف کان اڳتي آهي.
پاڪستان جي معاشيات ۽ اڳواڻن جي مقبوليت تي ٻڌل رپورٽ ۾ بلوم برگ جتي نواز شريف بابت چيو ته ان جي معاشي ڪارڪردگي مخالفن کان بهتر آهي، اتي ئي بلوم برگ هن وقت پاڪستان جو مقبول ترين اڳواڻ عمران خان کي قرار ڏنو.
بلوم برگ پنهنجي رپورٽ ۾ مزري انڊيڪس جي پاڪستان ۾ ڪيل سروي جو حوالو ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف باني مقبوليت ۾ ن ليگ قائد کان اڳتي آهي، جڏهن ته ان باوجود معاشي ڪارڪردگي نواز شريف جي بهتر آهي.
بلوم برگ موجب تازي سروي ۾ پاڪستانين جي راءِ موجب عمران خان 57 سيڪڙو مقبوليت سان پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته نواز شريف مقبوليت ۾ 52 سيڪڙو تي آهي، گذريل 6 مهينن دوران نواز شريف جي مقبوليت ۾ 36 سيڪڙو واڌ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.