شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد جي لاڳاپن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نجي ٽي وي چئنل سان سلهاڙيل هڪ صحافي شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد بابت ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ نجي ٽي وي جي بيورو چيف نعيم حنيف دعويٰ ڪئي آهي ته شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد ٽن سالن کان لاڳاپن ۾ هئا اِهو ئي سبب آهي جو شعيب ملڪ ثانيا ۽ ثناءَ جاويد عمير جيسوال کان طلاق ورتي.
صحافي ٻڌايو ته شعيب ۽ ثناءَ وارو معاملو ايتري حد تائين وڌي ويو هو جو شيعب ملڪ کي جنهن ٽي وي شو ۾ شرڪت جي دعوت ملندي هئي هو شرط رکندو هو ته ثناءَ جاويد کي به گهرايو وڃي.
صحافي موجب، شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد وچ ۾ لاڳاپا ان وقت ئي قائم ٿي چڪا هئا جڏهن ثناءَ جاويد راڳي عمير جيسوال سان شادي ڪئي هئي، عمير جيسوال معاملي کان اڻڄاڻ هو پر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا کي ان جو پتو پئجي ويو هو.
صحافي دعويٰ ڪئي ته شعيب ملڪ جي گهروارن ۽ ثانيا مرزا شادي کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر شعيب ملڪ نه مڙيو، جنهن بعد نيٺ ثانيا مرزا کيس طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
پوڊ ڪاسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي طلاق کانپوءِ ثناءَ جاويد به پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي.
شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد طرفان نجي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڪيل دعوائن بابت اڃا تائين ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.