ماهه رنگ بلوچ ڌرڻو ختم ۽ تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ ڌرڻو ختم ۽ احتجاجي تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪلب ٻاهران پنهنجو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ چيو ته اڄ اسان پنهنجي تحريڪ جي چوٿين مرحلي جي پڄاڻي جو اعلان ڪيون ٿا.
هن چيو ته ان ڌرڻي جي خاتمي جي اعلان سان گڏ ئي اسان پنهنجي تحريڪ جي پنجين مرحلي جو اعلان ڪيون ٿا، ايندڙ مرحلي ۾ اسان سوشل ميڊيا ۽ ٻين چينلز ذريعي پنهنجي تحريڪ جي آواز کي وڌيڪ اجاڳر ڪنداسين.
ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪندي سندس چوڻ هو ته 27 جنوري تي ڪوئيٽا ۾ جلسو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.