ڊي آءِ خان: چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) ابا شهيد چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو.
ڊي ايس پي حافظ عدنان ٻڌايو ته گذريل رات دهشتگردن ابا شهيد چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن تي ڪوئيڪ ريسپانس فورس ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته جوابي ڪارروائي سان دهشتگرد فرار ٿي ويا پر ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس جو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ٻه مزدور فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.